تعليمي ڊگريون

تعليمي ڊگريون: اهي سَندون، جيڪي تعليم دؤران مقرر شرط پوري ڪرڻ تي، شاگرد کي ڏنيون وينديون آهن. جڏهن ته رياست جي ممتاز، مقبول ۽ دانشــور مـاڻـهــن کـــي اعزازي طور پڻ ڊگريون ڏنـيـون ويــنديـون آهـن. هن وقت پاڪستــان ســـنـڌ ۾ هـيـٺيــــون تعليمي ڊگريون ڏنيون ويـنديــون آهن: بئچــلر آف آرٽــس (بــي. اي)، بئچــلـــر آف ســائـنـس (بي.ايس. سي)، بئچلر آف لا ائنڊ ليجسليشن (ايل. ايل. بي)، ماسٽر آف آرٽس (ايم. اي)، ماسٽر آف سائنس (ايم. ايس. سي)، ماسٽر آف فلاسافي (ايم. فل)، ڊاڪٽر آف فلاسافي (پي. ايڇ. ڊي)، ڊاڪٽر آف ميڊيسن (ايم. ڊي) ڊاڪٽر آف لاز (ايل. ايل. ڊي)، ڊاڪٽر آف ليٽرس (ڊي. لٽ)، ايم. بي. بي. ايس (بئچلر آف سرجري ۽ بئچلر آف ميڊيسنز)، بي. اِي (بئچلر آف انجنيئرنگ) ۽ ايم. اِي (ماسٽر آف انجنيئرنگ) وغيره. اورينٽيل مضمونن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ اديب سنڌي/ اديب مولوي، اديب عالم ۽ اديب فاضل جون ڊگريون به ڏنيون وڃن ٿيون .


لفظ تعليمي ڊگريونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


سند - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تعليمي ڊگريون
سند ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون